ڪراچي-10 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جي اطلاعات کاتي جي ??وب??ئي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪ?? ۾ ??ڌيڪ 28675 خا??دانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته بدين ۾ 6200 خا??دانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا. اهڙيءَ طرح دادو ۾ 7500، حيدرآباد ۾ 2000، ڄامشورو 1125، مٽياري 2500، سجاول 1250، ٽنڊوالهيار 2500، لاڙڪاڻو 2000، خيرپور ميرس 3000 ۽ نوشهروفيروز 600 خا??دانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1495773 خا??دانن ۾ راشن بيگس تقسيم ڪيا ويا آهن. ??وب??ئي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ جي مطابق وڌيڪ 1800 خيما، 5 هيوي ڊيواٽرنگ پمپس ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو آهي. هاڻي تائين متاثرن کي 599918 خيما، 535215 پلاسٽڪ ترپال، 3140036 مڇردانيون، 800323 ليٽر منرل واٽر واٽر ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو. ??وب??ئي وزير چيو ته گذريل 48 ڪلاڪ?? ۾ ??ڌيڪ 71130 متاثر ريليف ڪيمپن مان پنھنجي گھرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن، جڏهن ته ھن وقت 273667 متاثر ريليف ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. جن ۾ 81126 ٻار ۽ 62399 عورتون شامل آهن، جن کي ٻه وقت جو تيار ٿيل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون ??راهم ڪيون ??يون ??ڃن. هن چيو ته تازين برساتن جي تباهڪارين سبب 770 قيمتي حياتيون ضايع ٿيون آهن، 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته 436409 ڍور مري چڪا آهن. سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن بابت هن چيو ته گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 59800 ڪيوسڪ ۽ اخراج 49900 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪئي وئي آهي، سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 46600 ڪيوسڪ ۽ اخراج 36500 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڪوٽري بيراج تي پاڻي جي آمد 86200 ڪيوسڪ ۽ اخراج 57500 ڪيوسڪ آهي.