اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??اڪ??تان ۽ برطانيا جي وچ ۾ مضبوط حصيداري تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوام جي سطح تي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر دي رائٽ آنرايبل اينجلاريز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ واجد خان سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر ??اڪ??تان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود ماحولياتي تبديلين ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. وزيراعظم ??اڪ??تان کي فراهم ڪئي ويندڙ 16.5 ??لين پائونڊ جي انساني امداد تي برطانيا جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. ??اڪ??تان ۽ برطانيا جي پراڻي حصيداري تي زور ڏيندي وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ??اڪ??تان جي عزم کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ 1.6 ملين ??اڪ??تانين جي مثبت ڪردار جو خصوصي حوالو ڏنو. لارڊ واجد خان وزيراعظم کي ٻڌايو ته برطانيا ۾ رهندڙ ??اڪ??تاني ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ امداد ۽ بحالي جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. برطانيا جي وفد وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.