اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظه??ر احمد بابر سڌو جي خاص هدايتن تي پي اي ايف بيسز ۽ ريجنل ڪمانڊر رليف ۽ بحالي جي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهي آهي. پاڪ فضائيه جي اهلڪار ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ، رهائش، صاف پاڻي ۽ طبي امداد جي بنيادي ضرورتن جي فراهميءَ لاءِ ڏينه?? رات ڪوشان آهي. خاص طو?? تي پاڪ فضائيه جون ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون سول انتظاميه سان گڏجي سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڊينگي بخار کان بچاءُ جي مهم ۾ پيش پيش آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن لاءِ 4853 خيما، 416221 فوڊ پيڪيجز، 3203.67 ٽ?? راشن ۽ 242824 ليٽر صاف پاڻي فرا??م ڪيو ??هي. پاڪ فضائيه 257 اُڏامن ذريعي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 1521 ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ??هي.