اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ڪوئيٽا سبي ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي و??ي جنهن کانپوءِ ڪوئي??ا کي 300 ميگاواٽ ب????ي جي فراهمي شروع ٿي و??ي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب 220 ڪي وي ڪوئيٽا انڊسٽريل گرڊ اسٽيشن به بحال ڪئي و??ي آهي جنهن کانپوءِ علائقي جي 132 ڪي وي جي 19 گرڊز ڪوئيٽا انڊسٽريل گرڊ اسٽيشن سان ڳنڍيو ويو آهي. قومي شاهراهه اين – 65 (سکر – ڪوئيٽا) کي پڻ هيوي ٽريفڪ جي لاءِ بحال ڪيو ويو آهي جنهن سان نصيرآباد ڊويزن ۽ ٻين ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي سامان پهچائڻ ۾ آساني ٿيندي. واضح رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بحا??ي جي ڪمن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان کيس روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي.