اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ خميس ڏينهن اسلام آباد کان ثمرقند روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ثمرقند ايئرپورٽ کان حضرت خضر ڪمپ??يڪ?? ويندو جتي هو مسجد خضر سميت اسلام ڪاري – موف جي مزار تي پڻ ويندو جنهن کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي ??در امام امام علي رحمان ۽ ازبڪستان جي ??در شوڪت مرزيئوف ۽ روسي ??در ولاديمير پيوٽن سان جدا جدا ملاقات ڪندو. وزيراعظم ايراني ??در ابراهيم رئيسي، بيلاروس جي ??در اليگزينڊر گريگوري – وچ لوڪا شينڪو ۽ ڪرغزستان جي ??در سيد راجاپاروف سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم ازبڪ ??در پاران مملڪتي سربراهن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. آجياڻي کانپوءِ وزيراعظم ترڪيه جي ??در رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو.