اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري عاصم نذير ملاقات ڪئي ۽ فلڊ ريليف فنڊ ۾ اڍائي ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ چوڌري عاصم نذير مسعود ٽيڪسٽائيل ملز پاران وزيراعظم جي فلڊ ريليف فنڊ جي ل??ءِ 2 ڪروڙ 50 لک رپين جو چيڪ عطيو ڪيو. صوبائي اسيمبلي جي ا??وڻ?? ميمبر حافظ نعمان پڻ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.