اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستا?? چيو آهي ته ملڪ ۾ وڏي پئماني تي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي مت??ثرين جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ عالمي برادري جي مسلسل، پائيدار ۽ خاطرخواهه مدد جي ضرورت آهي، ٻوڏ سان 350 کان وڌيڪ ٻارن سميت 1100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت، 10 لک کان وڌيڪ گهر جزوي يا مڪمل طور تباهه ٿي چڪا آهن، 735000 کان وڌيڪ چومايو مال مري ويو ۽ 20 لک ايڪڙ زمين مت??ثر ٿي آهي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل 9 ۽ 10 سيپٽمبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد پريس بريفنگ ۾ چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ غيرمعمولي موسمياتي صورتحال ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو مت??ثر ٿيا آهن، ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان سان گڏوگڏ ملڪيتن ۽ بنيادي ڍانچي کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي. ترجما?? چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ تازن ڏينهن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سان سخت تباهي ٿي آهي. ترجما?? چيو ته 350 کان وڌيڪ ٻارن سميت 1100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت جڏهن ته 1600 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، 10 لک کان وڌيڪ گهر جزوي يا مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن، 735000 کان وڌيڪ چوپايو مال مارجي ويو ۽ 20 لک ايڪڙ زمين مت??ثر ٿيڻ کانسواءِ فصلن جو نقصان ٿيو آهي جڏهن ته مواصلاتي ڍانچي کي پڻ سخت نقصان پهتو آهي. ترجما?? چيو ته پاڪستان حڪومت سمورن ممڪن وسيلن ۽ صلاحيتن کي مت??رڪ ڪندي ٺوس ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن شروع ڪيو آهي، هي هڪ قومي ڪوشش آهي جنهن ۾ سول ۽ فوج کانسواءِ زندگي جي سمورن شعبن، ڪاروباري ادارن، سول سوسائٽي ۽ انساني همدردي جي تنظيمن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني حصو وجهي رهيا آهن. ه?? چيو ته وزيراعظم امدادي سرگرمين جي نگراني ڪندي مت??ثر علائقن جو ذڪر دورو به ڪري رهيو آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز کي مت??رڪ ڪري رهيا آهيون، گذريل ڏينهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن سان گڏ ٻوڏ مت??ثر ڪيترن ئي علائقن جو دورو ڪيو جڏهن ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني به مت??ثرين جي مدد ڪرڻ جيڪ وششن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس 9 ۽ 10 سيپٽمبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو اهو دورو اهم آهي، هو هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي لاءِ يڪجهتي ۽ عالمي برادري جي حمايت جي اظهار لاءِ هتي موجود هوندو. ترجما?? چيو ته گذريل رات تائين پاڪستان کي 31 اڏامن جي ذريعي ترڪيءَ، گڏيل عرب امارات ۽ چين سميت مختلف ملڪن مان ٻوڏ مت??ثرين جي لاءِ امدادي سامان پهتو آ??ي. ??ن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ ڏينهن ۽ هفتن ۾ هوائي جهازن جي ذريعي امدادي سامان جو سلسلو جاري رهندو. ترجما?? چيو ته ترڪيءَ مان امدادي سامان کڻي ٽرينون به اچي رهيون آهن. ه?? چيو ته وڏي انگ ۾ ملڪن ۽ عالمي تنظيمن ٻوڏ مت??ثرين جي مدد جي لاءِ پاڪستان سان تعاون جو واعدو ڪيو آهي جنهن ۾ روڪ امداد ۽ امدادي سامان شامل آ??ي. ???? چيو ته انهن ۾ آسٽريليا، آذربائيجان، ڪئناڊا، چين، يورپي يونين، فرانس، ايران، جاپان، قزاخستان، ڪويت، نيوزيلينڊ، ناروي، فلسطين، قطر، جمهوريه ڪوريا، سعودي عرب، سنگاپور، ترڪيءَ، گڏيل عرب امارات، برطانيا، آمريڪا، ازبڪستان، عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ گڏيل قومن جي ٻين ايجنسين سميت مختلف عالمي ادارا پڻ شامل آهن. ترجما?? چيو ته اسان ان وقت سر ۽ انتهائي ضروري تعاون جي لاءِ ٿورائتا آهيون.