اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اميد آهي ته عالمي برادري پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ گڏيل قو??ن پاران اعلان ڪيل فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي، حڪومت سڄي ملڪ جي ماڻهن جي لاءِ ريليف فنڊ پڻ قائم ڪيو آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ ره??دڙ ماڻهن جي لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪوششن ۾ عطيا ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان يورپين يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون تي ??ابطو ڪيو. يورپين ڪائونسل جي صدر پاڪستان ۾ تباهي آڻي??دڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي ??انين جي زيان ۽ ملڪيتن جي نقصان تي ??فسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم يورپي يونين جي صدر جا همدردي جي اظهار ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ يورپي يونين پاران 2.15 ملين يورو جي امداد تي ٿورا مڃيا. يورپي يونين جي صدر کي غيرمعمولي برساتن سان سڄي پاڪستان ۾ ٿي??دڙ وسيع پئماني تي ??باهي کان آگاهه ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان انساني جانين، روزگار، چوپائي مال، فصلن، نجي ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي ڇو ته ٻن مهينن کانوڌيڪ ٻوڏ جي ور چڙهيل علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم يورپي يونين جي صدر کي ح??ومت جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن ۾ ٻوڏ متاثرين ۾ خوراڪ، دوائن ۽ امدادي سامان جي فوري پهچ ۽ ورڇ شامل آهي. حڪومت سڄي ملڪ جي ماڻهن جي لاءِ هڪ ريليف فند پڻ قائم ڪيو آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪوششن ۾ عطيو ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گڏيل قو??ن جي فليش اپيل اڱاري تي ??روع ٿي وئي آهي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته عالمي برادري گڏيل قو??ن پاران اعلان ڪيل فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي.