اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀائر ملڪ گڏيل ??رب امارات مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 ملين ڊالر جو امدادي سامان اچڻ شروع ٿي ويو آهي. گذريل ??ات صدر محمد بن زيد النهان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ هن يقين ڏياريو ته هو ٻوڏ متاثرين جي امداد جاري رکندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته يو اي اي جي صدر جي دعوت تي منهنجو 3 سيپٽمبر تي گڏيل ??رب امارات جو دورو طئي هو پر اسان سڄو ڌيان متاثرين جي ريليف ۽ بحالي تي ڏيڻ جي لاءِ ان دوري کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پ??ڻ سان گڏ بيهندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن جا سدائ??ن قرضي رهنداسين.