اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آه?? ۽ ??ئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، پا??ست??ن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه سان تعلق رکندڙ ڪمپني ليماڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آه?? ۽ ??ئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي تازي دوري دوران سندس ترڪيه جي واپارين سان ملاقاتون تمام گهڻيون ڪامياب رهيون ۽ اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته ترڪيه جون ڪمپنيون پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿيون. هن ??ڌي?? چيو ته ترڪيه ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ تازو ئي پريفيرينشل ٽريڊ ايگريمينٽ تي صحيحون ٿيون آهن جنهن سان گڊز، سروسز ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان نيون راهون کليون آهن، ان معاهدي کانپوءِ پا??ست??ن ترڪيه گڏيل واپار جو ڪاٿو وڌي ويندو. هن چيو ته پا??ست??ن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي ۽ اسان جي حڪومت سمورن پراجيڪٽس جي وقت سر پڄاڻي تي يقيني رکي ٿي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃ?? ٿو ته منصوبن جي مڪمل ٿيڻ جي عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃ??. ليماڪ جي وفد پا??ست??ن ۾ پن بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، انجنيئر خرم دستگير خان، پا??ست??ن ۾ ترڪيه جي سفير ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.