جلالپور پير والا – 11 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي مل?? وانگر جلالپور پير والا ۾ به 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جون تياريون عروج تي آهن، ان سلسلي ۾ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ سائوٿ پنجاب ناصر جمال هوتيانا ۽ ڊائريڪٽر جنرل لائيو اسٽاڪ سائوٿ پنجاب ڊاڪٽر منصور احمد مل?? جي هدايت تي لائيو اسٽاڪ کاتي جلالپور پير والا جي ادارن اسپتالن کي رنگ برنگي جهنڊين ۽ چمڪندڙ بتين سان سجايو پيو وڃي. سندن چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي مل?? جو ??زادي جو ڏهاڙو اخلاقي قدرن جي اندر رهندي ملهائڻ گهرجي. 14 آگسٽ جو ڏينهن اسان ??ي شڪراني جا نفل ادا ڪرڻ گهرجن ۽ ڪائنات خالق جو ??ڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته هن اسان کي ايڏو عظيم مل?? پاڪستان عطا ڪيو آهي.