فيصل آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) آچر 14 آگسٽ تي آزادي جي ڏهاڙي جي ??نا??بت سان فيصل آباد ڊويزن جي سڀني وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ جڳهه جڳهه تي ق??مي جھنڊا، جھنڊيُون، اسٽيڪر، بيجز، ٽوپيون، ٽي شرٽس ۽ اهڙي طرح جو ٻيو سامان اسٽالن تي اچڻ شروع ٿي و??و آهي. جتي وڏي تعداد ۾ آزادي جي ڏهاڙي بابت انتهائي خوبصورت، دلڪش ۽ سجاوٽ جو سامان وڪري جي لاءِ رکيو و??و آهي. جنهن ۾ ٻار، پوڙها ۽ جوان ڀرپور دلچسپي وٺي رهيا آهن. ٻئي طرف س??ني اهم سياسي پارٽين به آزادي جي ڏهاڙي جون تقريبون پروقار طريقي سان ملهائڻ جو علان ڪ??و آهي. سياسي پارٽين جي اڳواڻن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي فضول خرچي کان پاسو ڪيو وڃي ۽ پنهنجي رقم غريبن کي عطيو ڪري بي سهارن، يتيمن، مسڪينن، بيواهن ۽ ضرورتمند ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي. ته جيئن هو به آزادي جي ڏهاڙي جي خوشين ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن.