اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري کي آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن ٽيليفون ڪ??ي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير پنهنجي آمريڪي ه?? منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سفارتي لاڳاپن جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم کي ورجايو. هن چيو ته اعليٰ سطح جي دورن جي لاڳيتي مٽاسٽا جا منتظر آهيون. هن پاڪستاني شهرين جي لاءِ ويزا جاري ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي درخواست ڪئي. پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري آمريڪا جي خصوصي نم??ئن??ي دلاور سيد جي پاڪستان جي جاري دوري کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ توانائي، صحت، سلامتي ۽ اقتصادي ترقي ۾ گڏيل تعاون کي ورجايو. هن انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ طالبان حڪومت سان مسلسل رابطي جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.