اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر هدايت ڪئي آهي ته ??من وانگر طور خم بارڊر تي به انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فوري طور تي لڳايو وڃي ۽ سفري دستاويزن جي تصديق فوري ۽ آسان بڻائي وڃي، ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين لاءِ به وڌيڪ آسانيو?? پيدا ڪيون وڃن. هو نادرا چيئرمين طارق ملڪ سان ڳالهائي ره?? هئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نادرا پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نادرا چيئرمين مملڪتي وزير کي ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين کي نادرا پاران فراهم ڪيل مختلف ڊجيٽل آن لائين سهولتن جي حوالي سان آگاهه ڪيو، هن چمن بارڊر تي مقرر انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم جي باري ۾ مملڪتي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نادرا سمورن اسٽيڪ هولڊرز سميت پاڪستان آرمي جي تعاون سان اهو سسٽم تيار ڪيو آهي، چمن بارڊر تي اهو سسٽم ٽرمينلز تي لڳايو ويو آهي جيڪو 20 هزار کان وڌيڪ واپارين، مريضن، زائرين ۽ بارڊر جي ٻنهي طرف ره??دڙ ٻنهي ملڪن جي شهرين جي اچ وڃ م بنا رڪاوٽ جي آساني پيدا ڪندو آهي، مملڪتي وزير حنا رباني کر من بارڊر تي لڳايل نادرا جي تيار ڪيل بارڊر مينيجمينٽ سسٽم جي آپريشنز کي ساراهيو. هن چيو ته نادرا جو اهو قدم واکاڻ جوڳو آهي ان سان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي شهرين جي سرحد پار چرپر ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي. مملڪتي وزير نادرا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته ??من بارڊر وانگر طورخم بارڊر تي به مقرر انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فوري لڳايو وڃي ته جيئن اتي به ٻنهي ملڪن جي شهرين کي انهن جي اچ وڃ ۽ سفري دستاويزن جي فوري تصديق ۾ آساني پيدا ڪري سگهجي. طارق ملڪ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ پاور ڊجيٽل آف اٽارني آن لائن سروس جي باري ۾ به مملڪتي وزير کي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نادرا نئون جديد آن لائن نظام تيار ڪيو آهي جنهن جي ڪري هاڻي سمنڊ پار پاڪستاني پاور آف اٽارني آن لائن گهر ويٺي حاصل ڪري سگهندا، اهو نظام آزمائشي مرحلي ۾ آمريڪا ۽ برطانيه ۾ موجود 10 پاڪستاني مشنز ۾ شروع ڪيو ويو آهي، مملڪتي وزير چيو ته پاور آف اٽارني حاصل ڪرڻ لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ره??و هو، هن هدايت ڪئي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب دنيا جي سمورن ملڪ ۾ ره??دڙ پاڪستانين لاءِ وڌيڪ آسانيو?? پيدا ڪيون وڃن ڇو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن جيڪي ملڪي معيشت ۾ بي مثال ڪردار ادا ڪري ره??ا آهن. مملڪتي وزير نادرا پاران ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين کي فراهم ڪيل ڊجيٽل سهولتن کي ساراهيو. هن چيو ته ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ بهتري وف??قي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ انهن جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.