اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا ۾ ٽي وي چينلز جي مواد کي مانيٽر ڪرڻ ۽ شڪايتن جي حل لاءِ هڪ موثر مڪينزم موجود آهي، پيمرا جي 2015ع جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تحت مواد جي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ٿو، مارننگ شوز کي به ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب مانيٽر ڪيو وڃي ٿو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران قومي اسيمب??ي ميمبر صلاح الدين ايوبي جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته پيمرا جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جا مختلف سيڪشنز آهن، عام عوام کي شڪايتن جي نظام تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ ٽول فري نمبر پڻ فراهم ڪيو ويو آهي ته جي??ن ڪا اهڙي شيءَ جيڪا رپورٽ يا مانيٽر نه ٿي هجي، ان تي ايڪشن وٺي سگهجي. هن چيو ته پيمرا جو مانيٽرنگ سيٽ اپ انتهائي موثر آهي، پيمرا جي ريجنل هيڊڪوارٽرز ۾ پڻ شڪايتن جو مڪينزم موجود آهي ته جي??ن ڪ?? به اهڙو مواد اچي ته ان جو فوري خاتمو ڪري سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته لائيو ٽيلي ڪاسٽ ۾ 10 سيڪنڊ جي دير هوندي آهي، ان وقت جي اندر مواد کي ڪيپچر يا مانيٽر ڪري اسڪرين تي آڻڻ کان روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته پيمرا جي 2015ع جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ج?? خلاف ورزين، مانيٽرنگ ۽ مڪينز جي حوالي سان جن ٽي وي چينلز کي جنهن مواد تي جي??رو ڏنڊ هنيو ويو آهي، ان جي ڊيٽا ميمبرن کي فراهم ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن ڪ??ي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ج?? خلاف ورزي ٿي آهي ته اسيمب??ي ميمبر آگاهه ڪن، ان معاملي کي ذاتي طور تي ڏسنديس. قومي اسيمب??ي ميمبر ڊاڪٽر شازيه ثوبيه جي ضمني سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مارننگ شيوز کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب مانيٽر ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪ?? اهڙو مارننگ شو آهي جنهن ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ج?? خلاف ورزي ٿي رهي آهي ته ٻڌايو وڃي، ان کي ذاتي طور تي ڏسنديس. هن چيو ته شام 7 وڳي کانپوءِ ٿيندڙ تاڪ شوز جي مقابلي ۾ مارننگ شوز کي ميوزيڪل ۽ ڪلچرل جي ڏس ۾ ڏٺو وڃي ٿو.