اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي اڄ 28 اپريل کان 30 اپريل 2022ع تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو، دوري دوران وزيراعظم جو سعودي قيادت سان ٻطرفي ملاقات ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ، سعودي عرب ۾، پاڪستاني افرادق قوت لاءِ نوان موقعا پي??ا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصي??ن موجب هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو اهو پهريون ٻاهرين ملڪ جو دورو هوندو. دوري ۾ ڪابينا جي اهم ميمبرن سميت ا??لي?? سطح جو وفد به وزيراعظم سان گڏ هوندو. ان دوري دوران وزيراعظم سعودي قيادت سان ٻطرفي ملاقات ڪندو ۽ خاص طور تي ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ سعودي عرب ۾، پاڪستاني افرادي قوت لاءِ نوان موقعا پي??ا ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل اعتماد، افهام ۽ تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ جي مستقل روايت تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوا??، خادم حرمين شريفين کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ويجهي گڏيل تعاون، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي. سعودي عرب ڄمون ۽ ڪسمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جو ميمبر آهي، سعودي عرب ۾ رهندڙ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ا??لي?? سطحي دورن جو تسلسل، ٻطرفي لاڳاپن جي خصوصي نوعيت کي ظاهر ڪري ٿو، وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ مدد ملندي.