اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) يوم پاڪستان جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ فضائيه جي آفيسرن کي نان آپريشنل فوجي اعزازن سان نوازيو، پاڪ فضائيه ۾ قابل فخر خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ايئر وائي?? مارشل محمد نديم صابر، ايئر وائي?? مارشل محمد قيصر جنجوعه ۽ ايئر وائي?? مارشل شمس الحق کي هلال امتياز (ملٽري) جا اعزاز عطا ڪيا ويا، ان کانسواءِ بي مثال خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪ فضائيه جي 21 آفيسرن کي ستاره امتياز (ملٽري)، 18 آفيسرن کي تمغه امتياز (ملٽري) ۽ 13 آفيسرن کي سندن سان نوازيو ويو.