اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ملائيشيا ۽ ا??ڊو??يشيا جي پنهنجي هم منصبن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مو??ب گفتگو دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملائيشين هم منصب سيف الدين عبدالله سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي فورمن تي پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ موقف ۾ هم آهنگي، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي، پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن جي فروغ ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير ملائيشين هم منصب کي اسلام آباد ۾ منعقد، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي د??وت جو ورجاءُ ڪيو، جمهوريه ا??ڊو??يشيا جي پرڏيهي وزير ريٽنو مرسودي سان ٽيليفونڪ رابطي دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي وسيع مو??وعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، هن سياسي، واپاري ۽ اقتصادي معاملن سان گڏوگڏ گڏيل قومن، آسيان، او آءِ سي ۽ ٻين گهڻ رخي فورمن تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي، گڏيل مفادن جي معاملن تي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ا??ڊو??يشيا جي پرڏيهي وزير، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي ا??ڊو??يشيا جي دوري جي د??وت ڏ??ي، د??وت قبول ڪندي پرڏيهي وزير گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي ا??ڊو??يشيا جو دورو ڪرڻ جي حامي ڀري.