اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان چورن، ڦورن ۽ ملڪي خزاني کي بيدردي سان لُٽيندڙن جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيو آهي، بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ٽيئي ڪرپٽ ماڻهو بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي چڪا آهن، اڄ عمران خان ٽنهي جي اصليت بيان ڪئي آهي، اڃا ته انهن ??ون وڌيڪ رڙيون ٻڌڻ لاءِ ملنديون. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ مم??ڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جيڪڏهن ??هباز شريف ڪرپشن ناهي ڪئي ته پنهنجي مٿ??ن فرد جرم لاڳو ڪرڻ ڇو نٿو ڏي، هر ڀيري شوباز ٻڌڻي ۾ التوا وٺڻ ڇو پهچي وڃي ٿو؟ جيڪو چوري ڪندو آهي اهو فرد جرم کان ڀڄندو آهي، شهباز شريف اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته شهباز شريف سميت سمورن چورن جي آخري آرام گاهه جيل ئي آهي ڇو ته انهن ملڪي خزاني کي بيدردي سان لُٽيو آهي. مم??ڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگي قيادت هڪ مهيني ۾ ڪيترن غيرملڪي سفارتڪارن سان ملي ۽ ان ۾ ڇا طئي ٿيو، ٻڌايو وڃي، پهرين آءِ ايم ايف وٽ نه وياسين ته چوندا هئا ته تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي ويندي ويندي ۽ هاڻي جڏهن ??وام کي ريليف ڏنو ته چون ٿا ته آءِ ايم ايف پروگرام کان ٻاهر نڪري رهيا آهيون، اهي ماڻهو منافقت جا بي تاج بادشاهه آهن، سدائين ڪوڙ ۽ دوکي جو سهارو وٺندا رهندا آهن، مم??ڪتي وزير چيو ته دنيا ۾ هن وقت ڏهاڪي جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ٿي آهي، آمريڪا، يورپ جهڙن ملڪن ۾ مهانگائي جو 40 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان ڏينهن ??ات عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، ماضي ۾ انهن ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪرپشن جي ڪري ملڪي خزاني کي تمام گهڻو نقصان پهتو، ماضي جي حڪومتن جي قرضن تي وياج جي ادائيگي لاءِ حڪومت کي نوان قرض وٺڻا پيا، هن چيو ته سموريون اتحادي پارٽيون اسان سان گڏ آهن، ميمبرن کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪروڙن جي ٻولي لڳائي وئي سڀئي ميمبر حوصلي سان بيٺل آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پارٽي اڪائونٽس تي گوڙ ڪندڙ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا 17 ڳجها اڪائونٽس سامهون آيا آهن، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجا اڪائونٽس گوشوارن ۾ ظاهر ناهن ڪيا ۽ نه ئي عطيو ڏيندڙن جو رڪارڊ پيش ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ 40 هزار ڊونرز جو رڪارڊ اليڪشن ڪميشن کي ??نو آهي، ان جي مقابلي ۾ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ٻڙي تي بيٺل آهي.