اسلام آباد– 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اي آر وائي ڊجيٽل جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر (سي اي او) سلمان اقبال پاران سندس درخواست تي عمل ڪرڻ ۽ ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي تي واکاڻ ڪئي آهي. جمعي ڏينهن ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته منهنجي درخواست تي عمل ڪرڻ ۽ ملازمن جون پگهارون وڌائڻ تي آئون اي آر وائي ڊجيٽل نيٽ ورڪ ??ي سي اي او ?? صدر سلمان اقبال جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. هن چي?? ته ٻين ڪمپنين کي به اپيل آهي ته جن گذريل سال دوران رڪارڊ منافعو ڪيو آهي اهي به پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪن.