اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ينگ پارليامينٽرين فورم جي چونڊن ۾ ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر مخدوم زين قريشي کي بنا مقابلي صدر، ڪنول شوذب (جنرل سيڪريٽري)، تاشفين ??فدر (ميڊيا ڪوآرڊينيٽر)، رومينه خورشيد عالم (نائب صدر)، سيد مرتضيٰ محمود، (جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ سيده نوشين ??فتخار کي ناڻي واري سيڪريٽري چونڊ??ڻ تي مبارڪباد ڏني آهي، پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري فواقي وزير چيو ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نوجوانن جي شموليت وزيراعظم عمران خان ج?? ويزن آهي، ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائ??دا?? سماجي ترقي لاءِ نوجوان قانونسازن جو ڪردار اڻٽر آهي، هن چيو ته ينگ پارليامينٽرين فورم نوجوان پارليامينٽرينز جي تربيت ۽ صلاحيتون پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم آهي، اميد آهي ته ينگ پارليامينٽرينز فورم جا نوان چونڊيل عهد??دا?? ان ڏس ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندا، واضح رهي ته ينگ پارليامينٽرينز فورم جو پيٽرن ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قاسم خان سوري آهي، ينگ پارليامينٽرين فورم جون چونڊون سندس نگراني ۾ منعقد ٿيون.