اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي تي پوري قوم متحد آهي?? انتهاپسندي ڪنهن هڪ پارٽي جو مسئلو نه آهي، سمورا سياسي اڳواڻ انتهاپسندي جي حساسيت کان آگاهه آهن، سريلنڪا جي شهري س??ن جيڪو ڪجهه ٿيو?? ان تي هر پاڪستاني جو ڪنڌ شرم س??ن جُهڪي ويو آهي، پاڪستان هڪ پروگريسو ملڪ آهي، اس??ن جا ادارا ۽ جمهوريت مضبوط آهن، سياست تڏهن ٿيندي جڏهن اسان وٽ امن امان ٿيندو، سياست ۽ جمهوريت جي لاءِ امن ضروري آ??ي، حڪومت راندين جي فروغ جي لاءِ نوجوانن جي پٺيان بيٺل آهي، بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪامياب جواب اسپورٽس ڊ??ائيو هڪ شاندار ٽيلينٽ هنٽ پروگرام آهي، جنهن ۾ 6 هزار ايٿليٽس حصو وٺي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان مشعل ٻاري ان پروگرام جي شروعات ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سيالڪوٽ سانحي تي پوري پاڪستاني قوم متحد آهي، پاڪست??ن جي 22 ڪروڙ آبادي ۾ معتدل مزاج جا ماڻهو شامل آهن، اهي ئي ماڻهو پاڪست??ن جي اڳتي وڌڻ جي اميد آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي قيادت کي ٽيليفون ڪري سيالڪوٽ سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ان کانسواءِ پاڪست??ن جي عوام ۽ سياسي قيادت به ان سانحي تي ردعمل جو اظهار ڪيو ته بحيثيت قوم اسان انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته احسن اقبال، مصطفيٰ نواز، مولانا فضل الرحم??ن جي سيالڪوٽ سانحي تي ردعمل مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان وٽ اهڙي سياسي ليڊرشپ موجود آهي جنه?? کي ان خطري جو احساس آهي. هن چيو ته پاڪستان ترقي پسند ملڪ آهي، اس??ن جا ادارا ۽ جمهوريت مضبوط آهن. هن چيو ته سياست ان وقت ٿيندي جڏهن اسان وٽ امن ٿيندو، سياست ۽ جمهوريت جي لاءِ امن ضروري آ??ي. ڪامياب جوان اسپورٽس ڊ??ائيو پروگرام جو ذڪر ڪندي هن چيو ته بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۽ ڪامي??ن جواب پروگرام تحت اهو شاندار ٽيلنٽ هنٽ پروگرام آهي جنهن ۾ 15 کان 25 سالن جي عمر جا 6 هزار ايٿليٽس حصو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته انهن ايٿليٽس ۾ 3300 نوجوانن کانسواءِ 2700 ڇوڪريون به شامل آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي?? ان ڳالهه تي خوشي ٿي ته ملڪ جي سياست ۽ معيشت سميت راندين جي شعبي ۾ ڇوڪريون برابر جون حصيدار آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان مشعل ٻاري اسپورٽس ميلي جي شروعات ڪندو. هن چيو ته ان پروگرام ۾ هر ڊويز?? کي ريجن ڊڪليئر ڪري ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ اٽڪل 7 وڏيون رانديون شامل ڪيون ويون آهن?? ان ايونٽ سان پاڪست??ن جي نوجوان?? کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا. هن چيو ته هڪ وقت اس??ن جي سياست ۽ معيشت ۾ تنزلي سان گڏوگڏ اسپورٽس به تنزلي جو شڪار ئي، اس??ن جي اولمپڪس جي ڪارڪردگي تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي پئي وئي، هاڪي ۽ اسڪوائش به اٽڪل ختم ٿي چڪيون هيون. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ڊگهي عرصي کانپوءِ اڄ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آ??ي. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪامياب جوان اسپورٽس ڊ??ائيو پاڪستان تحت پاڪست??ن جي سمورين ڊويزن?? کي ريجنز ڊڪليئر ڪري هتي اچڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته راند ئي واحد رستو آهي جنهن سان اسان پنهنجي نوجوان نسل کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪري سگهون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪامياب جوان اسپورٽس ڊ??ائيو پروگرام شروع ڪرڻ تي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ خاص معاون عثمان ڊار کي مبارڪباد ڏني.