اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچس??ان اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر مير جان محمد جمالي جي خيريت دريافت ڪرڻ ڪوئيٽا ۾ سندس رهائشگاهه تي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب بلوچس??ان اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر جان محمد جمالي جي طبيعت گذريل ڪجه?? ڏينهن کان ناساز آهي. سينيٽ چيئرمين جان محمد جمالي جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، سينيٽ چيئرمين جان محمد جمالي کي مڪمل آرام جو مشورو به ڏنو، ملاقات دوران ملڪي صورتحال ۽ خاص طور تي بلوچس??ان جي اقتصادي ??ورتحال، ترقياتي منصوبن ۽ اهم معاملن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جان محمد جمالي خيريت دريافت ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جو ٿورو ادا ڪيو، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ??ه سينيٽ چيئرمين سان گڏ هو. ڊپٽي چيئرمين به جان محمد جمالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظها?? ڪيو ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.