فيصل آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت کي وڌندڙ مهانگائي سبب پيدا ٿيل صورتحال جو احساس آهي، ان لاءِ حڪومت گهٽ آمدني وارن ۽ غريب ماڻهن کي مهانگائي جي لهر ??ان بچائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ان ڏس ۾ 1 ڪروڙ 20 لک خاندانن کي احساس راشن ڪارڊز جي فراهمي لاءِ 120 ارب رپين جي رقم رکي وئي آهي جنهن تحت انهن کي اٽو، داليون، گيهه، چانور، کنڊ ۽ ٻيون ضرورت جون شيون مارڪيٽ ??ان 30 سيڪڙو سستن اگهن تي ڏنيون وينديون، جيئن ئي عالمي سطح تي مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿيندي اسان به فوري طور تي قيمتون گهٽ ڪري عوام کي هر ممڪن ريليف ڏينداسين. هلال احمر جي اهتمام هيٺ ڪورونا وبا دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهائڻ واري تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چي?? ته ڪورونا پوري دنيا کي بري طرح متاثر ڪيو ۽ ڪورونا جي ڪري سڄي دنيا جون معيشتون منفي ۾ هلي ويون پر پاڪستاني معيشت ڪورونا وبا ۾ به ترقي ڪئي ۽ اسان ڪورونا وبا دوران بهتر حڪمت عملي سان معيشت کي هلايو ۽ ڪورونا دوران ماڻهن کي ب??روزگار ٿيڻ نه ڏنو. هن چي?? ته عالمي سطح تي کاڄرو تيل ۽ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون ٻيڻيون ٿي ويون ۽ جيئن ته اسان اهي شيون ٻاهرا?? درآمد ڪريون ٿا ان لاءِ اسان کي ب?? انهي تناسب تي عمل ڪرڻو پيو. هن چي?? ته ڀارت، برطانيا، آمريڪا سميت وڏين وڏين عالمي طاقتن جي جي ڊي پي منفي ۾ هلي وئي پر اسان جي جي ڊي پي 4 سيڪڙو ??ان به وڌيڪ تي رهي، اسان انڊسٽري ب??د ٿيڻ نه ڏني، اسان ايس او پيز تحت ڪاروبار جاري رکيو ۽ ڪوويڊ ۾ به ترقي ڪئي. فرخ حبيب چي?? ته ڪورونا جي باوجود اسان تاريخ جي سڀ ??ان وڌيڪ برآمدات ڪئي، اسان جي گڊز ايڪسپورٽ 25.4 ارب ڊالر، ٻاهرئين ملڪ مان مٽاسٽا جو ناڻو 30 ارب ڊالر، ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽ گذريل 4 مهينن ۾ 6 ارب ڊالر ??ان ڪراس ۽ ٻيو روانگي واپار به ساڍا 9 ارب ڊالر رهيو، اهڙي طرح آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ 42 سيڪڙو اضافو نوٽ ڪيو ويو. هن چي?? ته اسٽاڪ ايڪسچينجز ۾ بئنڪنگ سيڪٽر، ٽيڪسٽائيل، پيٽروليم، سيمنٽ، انرجي ۽ ٻين سيڪٽرز ۾ زبردست اضافو ٿيو. هن چي?? ته اهڙي طرح لون ڊيفالٽرز جي لاءِ پاليسي ٺاهي وئي، انهن جا قرض ملتوي ڪيا ويا ۽ پي رول منصوبي تحت رقم فراهم ڪئي وئي. هن چي?? ته هاڻي پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايس ايم ايز کي ب??ا گارنٽي هڪ ڪروڙ رپين تائين قرض ڏنو پيو وڃي، جنهن جي لاءِ انهن کي ڪا شيءَ گروي رکرائڻ جي ضرورت نه آهي. فرخ حبيب چي?? ته اسان اهو سڀ ڪجهه وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ڪوويڊ دوران ڪري ڏيکاريو. هن چي?? ته پاڪستان ۾ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ 12.5 سيڪڙو تائين وڌي آهي ۽ پاڪستاني انڊسٽري جي ترقي جو سفر جاري آهي. هن چي?? ته گاڏين، موٽرسائيڪلن جي رڪارڊ سيل ٿي آهي ۽ حڪومت جي احساس پروگرام کي دنيا جو سڀ ??ان بهترين پروگرام قرار ڏنو ويو آهي. هن چي?? ته پيپلزپارٽي پنهنجي دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 70 ارب ۽ مسلم ليگ (ن) 100 ارب رپيا رکيا پر اسان وسيلا نه هجڻ جي باوجود احساس ڪفالت پروگرام کي 250 ارب تائين وڌايو. فرخ حبيب چي?? ته 45 هزار رپين ??ان گهٽ آمدني وارن خاندانن جي نوجوانن کي 2 لک اسڪالرشپ ڏنيون ويون اهڙي طرح اخوت جي ذريعي ب?? انهن کي اربين رپين جي فراهمي جاري آهي. هن چي?? ته مخالف ڌر کي گهرجي ته اها گوڙ ڪرڻ ۽ مايوسي پکيڙڻ ڇڏي ڏي. هن چي?? ته پيٽرول 40 ڊالر في ب??رل مان 85 ڊالر في ب??رل تي هليو ويو آهي، ان لاءِ ان جي قيمت ۾ اضافو لازمي آهي پر جڏهن عالمي منڊي ۾ ان جي قيمت گهٽ ٿيندي ته اسان به قيمت گهٽ ڪري ڇڏينداسين. هن چي?? ته حڪومت بي گهر ماڻهن کي گهر ٺاهڻ جي لاءِ قرض ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هيستائين 57 هزار درخواستون وصول ۽ 23 هزار جي لاءِ 80 ارب جا قرض منظور ۽ 19 ارب رپيا ورهائجي ب?? چڪا آهن. هن چي?? ته آزاد ڪشمير، خيبرپختونخواهه ۽ ساهيوال ۽ ڊي جي خان ڊويزن ۾ هر خاندان کي صحت ڪارڊ ملي ويو آهي جڏهن ته پنجاب جي سموري آبادي کي ايندڙ مهيني ڊسمبر جي آخر تائين صحت انصاف ڪارڊ ملي ويندو جنهن تي هر خاندان کي 10 لک رپيا ساليانو تائين علاج جي سهولت ميسر هوندي جنهن جي لاءِ پنجاب حڪومت 60 ارب رپيا رکيا آهن. هن چي?? ته حڪومت رحمت للعالمين اسڪالرشپ، احساس اسڪالرشپ ۽ اسڪل فار آل تحت 2 لک ٻارن کي تربيت فراهم ڪري رهي آهي جنهن جي لاءِ هڪ لک ٻار انرول به ٿي ويا آهن. هن چي?? ته هاءِ ٽيڪ ٽيڪنالاجي ۾ تربيت جي فراهمي جا شاندار نتيجا نڪرندا ۽ هنرمند نوجوان پاڪستان جي معيشت ۾ وڌيڪ ترقي جو سبب بڻجندا.