اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي، وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن.
اها ڳالهه هن ملاقات ??ي لاءِ آيل ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي عهديدارن سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ نيب جي تازي آرڊيننس ??ميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وڪيل برادري وفاقي وزير کي جهلم ۾ ڪنٽونمنٽ بورڊز جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪئي. وڪيلن چونڊ سڌارن ۽ ايندڙ اليڪشن اي وي ايم تي ڪرائڻ جي حوالي سان حڪومتي قدمن کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وڪيلن کي نيب (ٻ??و ترميمي) آرڊيننس 2021ع جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي چ??و ته صدر آئين جي آرٽيڪل 89 تحت اهو آرڊيننس ??اري ڪيو، آرڊيننس ??ي ذريعي صدر مملڪت ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي مشاورت سان احتساب عدالتن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، پراسيڪيوٽر جنرل جي اختيارن کي وڌايو ويو آهي، ان آرڊيننس ??حت ضمانت جا اختيار ماتحت عدالتن وٽ هوندو. هن چ??و ته اڄ جيڪي نيب آرڊيننس ??ي تنقيد ڪري رهيا آهن انهن جون اڪثر ترميمون انهي آرڊيننس ۾ شامل آهن.
وفاقي وزير چ??و ته حڪومت وڪيلن جي مسئلن کان چڱي طرح آگاهه آهي، ڊسٽرڪٽ بار جهلم لاءِ نوان چيمبرز ٺاهيا ويندا، نوجوان وڪيلن کي چيمبرز جي تعمير ??ي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام مان قرض ڏنا ويندا. وڪيل برادري کي صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ هيلٿ ڪارڊ جي فراهمي تي به غور ڪري رهيا آهيون، وفاقي وزير وڪيلن کي جهلم ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌا??و ته جهلم درياءُ جي ويجهو جديد تفرحي پارڪ قائم ڪيو ويندو، هن چ??و ته الله کان پنڊداد خان ۽ جهلم روڊ جي ٻن لائين وارو ڪرڻ جي منصوبي سان علائقي ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو، 126 ڪلوميٽر ڊگهي الله کان جهلم تائين ٻن لائين واري روڊ جي تعمير تي 16 ارب روپين ??ي لاڳت ايندي، وڪيل برادري علائقي جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري جي منصوبن جي آغاز تي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب فيصل چوڌري ۽ سرفراز چوڌري جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات ۾ ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي صدر راجا توقير احمد خان، جنرل سيڪريٽري راجا نصر الله وسيلم، جوائنٽ سيڪريٽري چوڌري آصف بشير ايڊووڪيٽ، پنجاب بار ڪائونسل جي ميمبر راجا ظفر اقبال، ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي اڳ??ڻي صدر چوڌري عبدالر??يد گوندل، پنجاب بار ڪائونسل جي اڳ??ڻي وائيس چيئرمين چوڌري محمد حسين ايڊووڪيٽ ۽ ارشد محمود جنجوعه ايڊووڪيٽ شامل هئا.