اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي آهي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان آبي وسيلن جي دستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شا??ل ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ارجنٽائن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ وسيع ٿيڻ (موثر هجڻ جو) گڏيل اعتماد، احترام ۽ تعاون جو مظهر آهن. اهي ڳالهيون هن پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي وڻڪاري مهم جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيون. پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي ۽ ارجنٽائن جي سفير ليپولڊو فرانسسڪو ساهورس ارجنٽائن پارڪ ۾ منعقد تقريب ۾ يادگاري ٻوٽا لڳايا. تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط هجڻ جو گڏيل اعتماد، احترام ۽ تعاون جو مظهر آهن. پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اداره جاتي ميڪنزم جو ڪردار انتهائي اهم آه. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ لاءِ گڏيل ڪميشن موجود آهي، 20 مئي 2021ع تي منعقد ٿيندڙ ا??ان جي آخري گڏجاڻي دوران اسان زراعت، دواسازي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن تي گڏيل ورڪنگ گروپ بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن مستقبل ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. مخدوم شا??ه محمود قريش?? چيو ته هڪ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل به بزنس ٽو بزنس انٽريڪشن وڌائڻ جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت باقاعدگي سان ٿيندي آهي، مخدوم شا??ه محمود قريش?? چيو ته اسان جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان، ارجنٽائن فرينڊشپ گرپس جي موجودگي ٻطرفي پارليااني لاڳاپن جي استحڪام جي علامت آهي، پرڏيهي وزير چيو ته برطانوي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي تقرير ۾ وزيراعظم عمران خان جي ”ٽين ملين سونامي ٽري“ منصوبي کي ساراهيو. موسمياتي تبديلين جي ڪري خطرو ان ڳالهه جو آهي ته پاڪستان وسيع آبي وسيلا رکندڙ ملڪ مان، آبي وسيلن جي دستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شا??ل ٿي سگهي ٿو. انهن حالتن ۾ وڻڪاري جو فروغ ئي اهم حڪمت عملي آهي. شا??ه محمود قريش?? چيو ته 4 ڊسمبر تي اسان لاهور ۾ پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ ”پولو ميچ“ جو انعقاد ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ ارجنٽائن جي سفير به تقريب کي خطاب ڪيو ۽ گذريل ست ڏهاڪن ۾ وڌندڙ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي کين وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.