اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان سميت ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، افغانستان ۾ امن تمام اهم آهي ۽ اهو افغانستان جي عوام ۽ پ??ڙيسري ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ”دختر پاڪستان بيانيو“ جي پذيرائي تقريب کانپوءِ صحافين سا?? ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پرامن افغانستان جو افغانستان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان کي ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا سميت دنيا وانگر اها خاطري چاهي ٿو ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن تمام اهم آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن سان نئين سر تعمير ۽ ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ پ??ڪستان ان حوالي سان پنهنجو ??ردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.