اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ٿر، سنڌ ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جي ذميوار شخص عبدالسلام ابو دائود کي سنڌ پول??س گرفتار ڪري ورتو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿر ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي گهرو وزارت جي سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ م??ن جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته اهڙا واقعا ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي سگهن ٿا، اقليتن سان زيادتي اسلام جي روح جي منافي، آئين پاڪستان جي سنگين خلاف ورزي آهي، هن چ??و ته آئين پاڪستان اقليتن جي حقن، مذهبي آزادي جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، اقليتن کي سمورا حق حاصل آهن، رياست انهن جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چ??و ته اهڙن واقعن جي روڪٿام معاشري جي سمورن ماڻهن جي گڏيل ذميداري آهي.