باڪو – 27 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته آذربائيجان ۽ پاڪس??ان گڏيل مذهب، اخوت، تاريخ، ثقافت ۽ روايتن جي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن، پارلياماني سفارتڪاري جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي گڏيل لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي صدر الهام عليوو سان باڪو ۾ صدارتي محل ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪ??و. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏ پاڪس??ان جي پارليامين وفد جا ميمبر به موجود هئا، اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪس??ان آذربائيجان سان توانائي، واپار ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، هن ڪشمير مسئلي تي آذربائيجان جي اڻٽر حمايت آذربائيجان جي صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ کيس والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين کان آگاهه ڪيو. هن آذربائيجان جي صدر ۽ عوام کي آرمينيا سان ٿيندڙ جنگ ۾ فتح تي مبارڪباد ڏني، هن ٻطرفي واپاري ماپي ۾ اضافي لاءِ ٻنهي ملڪن جي واپار واري وزارت جو ??وا??نٽ ورڪنگ گروپ جوڙڻ جي تجويز ڏني. هن آذربائيجان جي صدر کي پاڪس??ان جو دورو ڪرڻ ۽ مجلس شوريٰ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ به دعوت ڏني. آذربائيجان جي صدر الهام عليوو چيو ته آذربائيجان ڪشمير مسئلي تي پاڪس??ان جي اصولي موقف سان گڏ بيٺل آهي ۽ سمورن ع??ائقائي ۽ عالمي فورمن تي پاڪس??ان جي موقف جي حمايت جاري رکندو.