اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م عمران ??ان ناڻي واري وزي?? کي معاشري جي ڪمزور طبقن کي روزگار ۽ گهرن جي تعمير لاءِ قرضن جي فراهمي، صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ غريب خاندانن جي هڪ ماڻهو کي فني ۽ پيشيوراڻي تربيت ڏيارڻ لاءِ جامع منصوبو پيش ڪرڻ جي ذميداري سونپيندي چيو آهي ته ملڪ جي وڏن شهرن جا ماسٽر پلان ??لد کان ??لد جوڙيا وڃن، سرسبز پاڪستان ??يندڙ نسلن جي تحفظ ۽ بهتر ماحول لاءِ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ گرين ايرياز جي تحفظ جي لاءِ زرعي، رهائشي ۽ ٻين زمينن جي استعمال جي حوالي سان مروجه قانونن ۽ قاعدن ۾ تبديلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جئين زرعي زمين ۽ گرين ايرياز جو تحفظ ڪري سگهجي ۽ ڪنهن اهڙي زمين جي نوعيت بدلائڻ جو اختيار اعليٰ سطح تي منتقل ڪري سگهجي. وزي??اع??م عمران ??ان معاشري جي ڪمزور طبقن کي روزگار جي لاءِ آسان ۽ گهٽ شرح تي قرضن جي فراهمي، گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ذاتي گهرن جي تعمير جي لاءِ قرضن جي فراهمي، صحت ڪارڊ جي فراهمي ۽ غريب خاندانن جي گهٽ کان گهٽ هڪ ماڻهو کي ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل هنر ڏيارڻ جي حوالي سان ??امع پلان ٺاهڻ ۽ پيش ڪرڻ جي ذميداري ناڻي واري وزي?? کي سونپي ڇڏي. اجلاس کي ماحوليات واري وزارت پاران ??وڙيل گرين بلڊنگ ڪوڊ جي حوالي سان ??ريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پائليٽ پراجيڪٽ جي طور تي گرين بلڊنگ ڪوڊز نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبن ت?? لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته گرين بلڊنگ ڪوڊ توانائي جي بچت، پاڻي جي بچت، تعميري سامان، انڊور هوا جي ڪوالٽي، ٿرمل ڪمفرٽ ۽ جاگرافيائي بيهڪ ۽ ٽرانسپورٽ تي ٻڌل آهي، گرين بلڊنگ ڪوڊ لاڳو ڪرڻ سان ??وانائي جي مد ۾ 24 کان 50 سيڪڙو گهٽتائي، ڪاربان ??ي اخراج جي مد ۾ 33 کان 35 سيڪڙو گهٽتائي پاڻي جي 40 سيڪڙو بچت ۽ سالڊ ويسٽ ۾ تقريبن 70 سيڪڙو گهٽتائي واقعي ٿيندي آهي جڏهن ت?? گرين ڪوڊ تي عملدرآمد جي مد ۾ اضافي لاڳت انتهائي گهٽ آهي جيڪا ٻه ٽن سالن ۾ پوري ٿي ويندي آهي، اجلاس کي ملڪ جي وڏن شهرن جي ماسٽر پلانز کي نئين سر جوڙڻ ۽ ان ??والي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.