اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي اهميت تي روشني وجهندي چيو آهي ته پاڪستان ان منصوبي جي وقت سر تڪميل لاءِ پرعزم آهي، غربت جي خاتمي ۽ ترقي لاءِ چين جي تجربن مان فائدو کڻنداسي??. و??يراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ملاقات دو??ان ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دو??ان غربت جي خاتمي جي چين جي تجربي، ڪووڊ – 19 جي صورتحال ۽ گڏيل لاڳاپن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ملڪ مان غربت جي خاتمي ۽ هدفن کي ڪاميابي سان حاصل ڪرڻ تي چيني قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان چين جي غربت جي خاتمي ۽ ترقي جي انهن تجربن مان فائدو کڻڻ لاءِ کائنس سکڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ڪورونا جي ٽئين شديد لهر درپيش آهي ۽ حڪومت ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ان وبا کان بچاءُ ج?? ويڪسينيشن لاءِ منصوبي تي عمل پيرا آهي. وزيراعظم عم??ان خان چيو ته پاڪستان جي عوام چين جي صدر شي جن پنگ جي پهرين فرصت ۾ پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.