اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ڊجيٽل نظام سان ??روري شين جي قيمتن جي نگراني ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه جي ڪارڪردگي جانچڻ ۾ مدد ملندي، ان نظام سان فيصلي سازي جي عمل ۾ شفافيت ??و عنصر نمايان ٿيندو، حڪومت ڪورونا وبا جي دوران ??ريب ۽ مزدور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ تي مسلسل ڌيان ڏنو، پوري دنيا اسان ??ي قدمن کي ساراهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ??ماريات بيورو طرفان ناڻي واڌ جي شرح کي نظر ۾ رکندي فيصلا سازي جي نظام ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ معاشي اثرن تي بريفنگ جي سلسلي ۾ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، صنعت وارو وفاقي وزير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.