اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي قائداعظم جي ٻڌايل رهنما اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم جي 144 هين يوم پيدائش جي موق??ي تي ڪيو جيڪو 25 ڊسمبر تي نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ان موق??ي تي اس??يڪ?? چيو ته قائداعظم محمد علي جناح 20 هين صدي جو عظيم اڳواڻ ۽ مسلمان امت جي اتحاد جي علامت هو، اس??يڪ?? چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو تاريخ ۾ ان جو متوازي پيش ڪرڻ کان قاصر آهي، هن چيو ته قائداعظم جي اصولن اتحاد، ايمان ۽ تنظيم کي اختيار ڪري نه رڳو ملڪ کي درپيش مسئلن تي ضابطو آڻي سگه??ن ٿا پر پنهنجي عملي زندگي کي به بهتر بڻائي سگه??ن ٿا.