اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سينيئر سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري 19 ڊسمبر تي قابض ڀارتي فوجن طرفان لائن آف ڪنٽرول جي رک چڪري سيڪٽر ۾ جنگبندي جي بنا جواز ڀڃڪڙين تي سخت ??حت??اج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ اکوڙي ڳوٺ جي 25 ساله صفيره سخ?? زخمي ٿي پئي. پرڏيهي ترجمان ??وج?? سينيئر ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ??حت??اجي خط سندس حوالي ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو ته قابض ڀارتي فوج ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ جو مسلسل ڀڃڪڙيون ڪندي آرٽلري، ڳرن ۽ خودڪار هٿيارن ذريعي عام شهريءَ کي نشانو بڻائي رهيون آهن. ڀارتي سفارتڪار کي ٻُڌايو ويو ته شهري آبادين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ، انساني عظمت ۽ وقار، عالمي انساني حقن ۽ بين الاقوامي انساني قانونن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.