رياض-25 آگسٽ (اي پي پي)سعودي عرب ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار جي قاتل کي ڏنل موت جي سزا تي عمل ڪندي ان جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو. عرب ميڊيا موجب سعودي جي گهرو وزارت اوڀر گورنري ۾ سارجنٽ سليمان بن ابراهيم بن احمد السميري کي گولي هڻي قتل ڪرڻ ۾ ملوث جوابدار جي سزا تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ جوابدار هڪ معصوم ڇوڪريءَ کي اغوا ڪري پنهنجي گهر رکيو هو، اطلاع ملڻ تي جڏهن پوليس ڇاپو هنيو ته جوابدار فائرنگ ڪري هڪ پوليس اهلڪار کي شهيد ۽ هڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو هو، بعد ۾ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي. عدالت ان کي ڏوهي قرار ڏيندي موت جي سزا ٻڌائي هئي جنهن تي گذريل ڏينهن عمل ڪيو ويو.