اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سومر ڏينهن 5 آڪٽوبر کان ڪويت جو ??ورو ڪندو ۽ ڪويت جي مرحوم امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب دوري دوران صدر ڪويت جي نئين امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت ۽ دلي همدردي جو پيغام پهچائيندو. ترجمان چيو ته پاڪس??ان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڪويت جي مرحوم امير جي قيادت ۾ ٻطرفن ويجهن لاڳاپن کي سگهه ملي ۽ ٻطرفو تعاون نئين بلندي تي پهتو. ڪويت جي مرحوم امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح پاڪس??ان جو هڪ مخلص ۽ آزمايل دوست هو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ قابل قدر ڪردار ادا ڪيو. ٻطرفي تعاون جي ڏس ۾ سندس ڪوششن ۽ علا??قا??ي امن ۽ استحڪام جي لاءِ س??دس خدمتن کي دير تائين رکيو ويندو.