اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) سماجي تحفظ ۽ غر??ت جي خاتمي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش ادائيگي جي آخري 15 ڏينهن بايوميٽرڪ ??صد??ق ۾ ناڪامي کي منهن ڏيندڙ صارفين جي سهولت لاءِ نئون ويب پورٽل کوليو ويو آهي، پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ت?? اهي صارفين احساس ويب پورٽل جي لنڪ http://complaints.pass.gov.pk/ کي وزٽ ڪري سگهن ٿا، احساس ايمرجنسي ڪيش تحت ريگولر ادائيگيون 15 سيپٽمبر 2020?? تي بند ٿي چڪيون آهن، اهي اصل صارف جنهن جي آڱرين جي نشانن جي ??صد??ق جا مسئلا آهن انهن کي ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020ع تائين جاري رهنديون، اهي مستحق خاندان جنهن ۾ امدادي رقم جا اهل ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، انهن کي به ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020ع تائين جاري رهنديون.