اسلام آباد – 14 آگسٽ (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪشميرين جي اڻٽر حم??يت جو ورجاءُ ڪندي چ??و آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حم??يت جاري رکنداسين، پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري جي ڪري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، انساني حقن جي عالمي تنظيمن، چين، ترڪي ۽ سعودي عرب سميت ٻين دوست ملڪن ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي، هٿياربند فوج ۽ پاڪستاني قوم دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو جنهن تي کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، افغانستان ۾ امن جي لاءِ امن معاهدو اهم قدم آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، س?? پيڪ سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جو آغاز ٿ??و آهي، ڪورونا وائرس جي باوجود پاڪستان جي معاشي انگ اکر مثبت راهه تي گامزن آهن، حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ قوم جي تعاون سان ڪورونا وائرس جي خلاف ڪاميابي ملي، گذريل ٻن سالن جي دوران حڪومت ۽ قوم ڪرپشن جي خلاف علم بلند ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن 74 هين يوم جشن آزادي جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.