اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني، غاصباڻي ۽ هڪطرفي قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ق??ار??اد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اها ق??ار??اد ايوان ۾ پيش ڪئي. ق??ار??اد ۾ چيو ويو آهي ??ه سينيٽ آف پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيل غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪ??ڻ کي ورجائي ٿو جنهن جو مقصد ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرانساني قبضي کي برقرار رکڻ آهي. هي ??يوان زور ڏي ٿو ته ڀارت جو غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??ار??ادن، ٻطرفن م??اهدن ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. هي ??يوان ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي پاران ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا جو فائدو کڻندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نئون ڊوميسائيل قانون م??عارف ڪرائڻ جي مذمت ڪري ٿو جنهن جو مقصد هندوتوا جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي خطي جي ڊيموگرافڪ اسٽرڪچر کي غيرقانوني طور تي تبديل ڪرڻ آهي. ق??ار??اد ۾ چيو ويو آهي ??ه ڀارت جي واحد مسلمان اڪثريتي علائقي جي مسلمانن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي جو غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??ار??ادن، ٻطرفن م??اهدن ۽ عالمي قانونن بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي. ق??ار??اد ۾ ڀارت جي هٿياربند فوج پاران ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن، ڇاپن ۽ تلاشين ۾ عدالت کان مٿانهون قتل ڪرڻ ۽ سينيئر ڪشميري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺڻ ۽ قيد ڪ??ڻ جي قدمن جي پڻ سخت مذمت ڪئي وئي آهي.