اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ ??يخ چيو آهي ته ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروبار کي تحفظ ۽ فروغ ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن اها ڳالهه اسٽيٽ بئنڪ ۽ سيڪيورٽيز ا??نڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس ا?? سي پي) جي تعاون سان سيڪيورٽرائيزيشن رجسٽري جي افتتاحي تقريب ۾ چئي. افتتاحي تقريب ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ ??يخ سميت عالمي بئنڪ، برطانيا جي عالمي ترقي واري اداري ڊي ايف آءِ ڊي، سيڙپڪاري بورڊ ۽ ناڻي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.