اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سماجي چئلينجز جي حل لاءِ مسجدن ۽ عالم سڳ??رن جي موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهم سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ انهن سان لاڳاپيل اسلامي تعليم کي عام ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي ذميدارين ۽ و??عد?? کي پورو ڪرڻ تي موثر انداز ۾ تيار ڪري سگهجي. اه??ن خيالن جو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري، وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبله ايا?? شرڪت ڪئي.