اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ڊاڪٽرن، نرسن سميت هنرمند ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ هوشيار ذهنن کي ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ جي ??اءِ موثر حڪمت عملي جي ضرورت آهي. هو فائونڊيشن يونيورسٽي اسڪول آف هيلٿ سائنسز جي شعبي ڊينٽسٽ ۽ نرسنگ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته مقابلي وارين ملازمتن جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ڪم جي ??اءِ سازگار ماحول پيدا ڪري لکيل پڙهيل ۽ هنرمند ماڻهن جي ??اهرئين ملڪ وڃڻ جي انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ??ي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ پنهنجا وسيلا ڊاڪٽرن، انجنيئرز ۽ ٻين پيشيور ماڻهن تي لڳائي، جڏهن هنرمند انساني سر??ائي مان اهڙي طرح فائدو نه کڻي سگهيا، جنهن جي ??عيشت ۽ ترقي تي منفي اثر پوندو رهيو. هن چيو ته هنرمند ڊاڪٽرن جي ??اهرئين ملڪ ملازمت کي گهٽ ڪرڻ جو موثر طريقو اهو آهي ته انهن جي ??اءِ ملڪ جي اندر روزگار بهتر موقعا پيدا ڪيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان کي صحت جي خدمتن جي شعبي ۾ ضرورتن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ 9 لک نرسن جي ضرورت آهي پر هن وقت اسان وٽ نرسن جو انگ 3 لک آهي. هن چيو ته ايف ايس سي (في??لٽ?? آف سائنس) پري ميڊيڪل جي رڳو 9 سيڪڙو شاگردن کي پاڪستان جي ??يڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ملي، جڏهن ته 25 سيڪڙو انگ اکر اسان جي خطي جي ??لڪن جا آهن. ان صورتحال کي هڪ حڪمت عملي جي ضرورت آهي ته جيئن وڌيڪ انگ ۾ شاگردن کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ??اءِ وڌيڪ ادارا قائم ڪيا وڃن. صدر نشاندهي ڪئي ته اهي عورت ڊاڪٽر جن پنهنجي ??يملي جي زندگي ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي شعبي کي خيرباد چئي ڇڏيو، اهو ملڪ جي ??اءِ تمام وڏو نقصان آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ??يشن کان پري نه وڃن ۽ معاشري جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته عورت ڊاڪٽرن جي ??اءِ ڪم وارين جاين تي هراسان ڪرڻ کان پاڪ ماحول پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي زچگي دوران موڪل کانپوءِ پروڊڪٽويٽي ۾ انهن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. صدر ميڊيڪل گريجوئيٽس کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي ??ريضن جو علاج ڪندي همدرديءَ ۽ مهرباني جي ??درن کي اختيار ڪن. هن ماڻهن کي متعدي بيمارين ۽ وات جي صفائي بابت آگاهه ڪندي علاج بدران روڪٿام جي اهميت کي اجاگر ڪيو. فائونڊيشن يونيورسٽي اسڪول آف هيلٿ سائنسز جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) عمران فيصل چيو ته ادارو انڊر گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن کي بهترين معيار جي ڏندن جي تعليم فراهم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ مريضن جي سارسنڀال ۽ انتظام جي سمورن رخن جو احاطو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته نرسنگ جو شعبو بهترين تعليم فراهم ڪري رهيو آهي ۽ اعليٰ معيار جا گريجوئيٽس پيدا ڪري رهيو آهي. صدر گريجوئيٽس ۾ ميڊلز ۽ ميرٽ سر??يفڪيٽ ورهايا.