لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دولت مشترڪه جي اڳواڻن تي زور ڏنو آهي ته اهي تنظيم کي سگهه ڏيڻ ۾ پنه??جو ڪردار ادا ڪن، دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل ترقي جو خواب پورو ٿي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب وزيراعظم لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پ??هن??ي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته بادشاهه چارلس ٽي جي تاج پوشي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي دولت مشترڪه تنظيم کي سگهه ڏيڻ ۾ پنه??جو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل ترقي جو خواب پورو ٿي سگهي. وزيراعظم پاڪستاني نوجوانن ۽ هنرمندن کي بهترين موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پ??هن??ي حڪومت جي عزم جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته ان جي حڪومت عورتن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائي رهي آهي ۽ پٺتي پيل طبقو جهڙوڪ مذهبي ۽ نسلي اقليتن، معذور ماڻهن ۽ ٽرانسجينڊر ڪميونٽي کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻي رهي آهي.