اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جوهري ڌماڪن جي سالگرهه تي قوم، قيادت ۽ سائنسدان?? کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته تڪبير جو ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، جڏهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ا?? کي ڪير به غلام نٿو بڻائي سگهي، يوم تڪبير اعلان هو ته پاڪستان آزاد ٿيو?? آزاد آهي ۽ آزاد رهندو. تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ذوالفقار علي ڀٽو کان نواز شريف تائين سڀني اڳواڻ?? کي سلام پيش ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو جڏهن ته نواز شريف ان جي پڄاڻي ڪئي، نواز شريف دنيا تي ثابت ڪيو ت?? اسا?? کي خريد نٿو ڪري سگهجي نه ئي جهڪائي سگهجي ٿو. هن چيو ته جوهري پروگرام جو تسلسل پاڪستان جي پنهنجي دفاع لاءِ ڪو ٺاهه نه ڪرڻ جو تاريخي ثبوت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جوهري پروگرام کي ٺاهڻ، پروان چاڙهن ۽ ان جو عمل مظاهرو ڪرڻ وارو هر ماڻهو قوم جو هيرو آهي جنه?? کي سلام پيش ڪري??ن ٿا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف تڪبير جي ڏهاڙي تي 10 ڏينهن تقريبن جو اعلان ڪيو آهي، اتحاد جي جذبي سان اها خوشي ملهائينداسين، اطلاعات واري وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو، هن چيو ته تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جو ميثاق معيشت جو اعلان پاڪستا?? کي حقيقي معاشي آزادي ڏيار?? طرف تاريخي قدم آهي، هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان ايٽمي پروگرام جي معمار ڊاڪٽر عبدالقدير خان مرحوم ۽ ان جي ٽيم ۽ سڀني سياستدان?? کي سلام پيش ڪري??ن ٿا.