اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اسلام آباد ۾ نيشنل سوشل ميڊيا ڪوآرڊينيشن ورڪنگ گروپ (اين ايس ايم سي ڊبليو جي) سان فيس بڪ، انسٽاگرام، واٽس ايپ ۽ ميسينجر جي بنيادي ڪمپني (ميٽا) جي نمائندن حڪومت جي ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن جي سلسلي ۾ قدم?? ۾ ??عاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان آڪٽوبر 2021ع ۾ اين ايس ايم سي ڊبليو جي جوڙيو هو ته جيئن ڊيجيٽل پليٽ فارمز سان ڳالهيون ڪري سوشل ميڊيا بابت پاليسين تي ڪم ڪري سگهجي. ورڪنگ گروپ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي پاڪستا?? ۾ ??يڙپڪاري جي حوصلا افزائي تي پڻ ڀرپور ڌيان ڏئي رهي?? آهي. ورڪنگ گروپ سان پنهنجي پهرين اجلاس ۾ ميٽا جي نمائندن حڪومت کي پنهنجي انهن قدمن بابت آگاهه ڪيو جيڪي ڊيجيٽل خواندگي، شموليت ۽ ڪم جي اهليت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هنن رابطي، نقصانڪار مواد کي هٽائڻ جي لاءِ ٽولز ۽ سسٽمز، مقامي قانونن، قاعدن ۽ ضابطن جي فريم ورڪ جي تعميل ۽ مقامي مواد جي تخليقڪارن جي مدد ڪرڻ جي طريقن جي شعبن ۾ ممڪن گڏيل تعاون جي ڪوششن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اين ايس ايم سي ڊبليو جي ميٽا جي سمورن پليٽ فارمز سان نقصانڪار ۽ غيرقانوني مواد کي موثر ۽ وقت سر معتدل بڻائڻ بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين ان ڏس ۾ طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ ۽ مواد کي معتدل بڻائڻ ۽ مقامي قانونن جي تعميل جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي رضامندي جو اظهار ڪيو. ميٽا جي ميمبرن ڊيجيٽل منظرنا??ي تي موجودگي وڌائڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي مستقبل جي منصوبن کي ساراهيو. وڌيڪ اهو ته ميٽا اور ورڪنگ گروپ اڪيڊميا، انڪيوبيشن سينٽرز، اسٽارٽ اپس ۽ ٽيلي ڪام سروسز فراهم ڪندڙن سان حصيداري ڪري پاڪستان ۾ ڪميونٽي ليب جي ممڪن قيام تي اتفاق ڪيو. اها ليب پاڪستان ۾ ڪنيڪٽيويٽي ايڪو سسٽم کي وڌائڻ ۾ مدد جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي حل تيار ڪرڻ ۽ جانچن جي لاءِ هڪ پليٽ فارم ڏيندي. ڏکڻ ايشيا جي لاءِ ميٽا جي پبلڪ پاليسي بابت هيڊ صارم عزيز چيو ته ورڪنگ گروپ جي جوڙجڪ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي لاءِ حڪومتي ڌرين سان رابطي ۾ رهڻ، ويزن ۽ خيالن جي حصيداري ڪرڻ ۽ گهربل ضرورتن جي سلسلي ۾ فوري ڪارروائي کي آسان بڻائي ڇڏي?? آهي. اسان وڏي پئماني تي اقتصادي ترقي آڻڻ جي لاءِ ڪنيڪٽيويٽي انفراسٽرڪچر ۽ ڊيجيٽل اپ اسڪلنگ پروگرام?? ۾ ??صيداري ڪريون ٿا ۽ سيڙپڪاري جي ذريعي پاڪستان ۾ پائيدار ڊيجيٽل معيشت بڻائڻ جي پاڪستان حڪومت جي ويزن کي ساراهيون ٿا ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سان ??ڏج?? ڪم ڪرڻ جي لا??ِ پرعزم آهيون ته آن لائين جايون محفوظ، آزاد ۽ پاڪستان ۾ هر ڪنهن جي لا??ِ پهچ جوڳيون رهن. اين ايس ايم سي ڊبليو جي ٻڌايو ته هي ميٽا سان هڪ نتيجاخيز ۽ ڪارائتي پهرين ڳالهه ٻولهه هئي ۽ ورڪنگ گروپ ڊيجيٽل سيڙپڪاري جي لاءِ مشاورت جاري رکي آهي جيڪا ڊگهي مدي واري پائيدار اقتصادي ترقي کي سگهه ڏيندي. اسان ان ڏس ۾ ميٽا جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا جيڪا نه رڳو مقامي رابطي جي ڪوشش?? ۾ ??يڙپڪاري ڪري رهي آهي پر اها پاڪستاني ڪاروبارن ۽ تخليقڪارن جي لا??ِ پنهنجي پليٽ فارمز تي بامعنيٰ، اعتماد جوڳي آمدني پيدا ڪرڻ جي لاءِ مختلف طريقا به ڳولي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ نوان موقعا ڳولڻ جي لا??ِ پرعزم آهي. هي حڪومت ۽ ميٽا جي وچ ۾ پهريون اجلاس ٿي?? آهي جنهن پاڪستان حڪومت ۽ ميٽا ۾ شروع ٿيندڙ ڪيترن ئي مصروفيتن جو تعين ڪي?? آهي ڇو ته ٻئي سڄي ملڪ ۾ ڊيجيٽل ڪنيڪٽيويٽي ۽ شموليت کي وڌائڻ جو وچن ڪن ٿا.