لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي، پورو معاشرو ان جنگ ۾ وزيراعظم جو ساٿ ڏي، مخالف ڌر حڪومت جي خلاف عدم اعتماد آڻڻ کان اڳ پنهنجا ماڻهو ته پورا ڪري وٺي، هڪ ٻئي جي خلاف ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي مفاد جي لاءِ ٻيهر گڏ ٿي رهيا آهن، قانون جو مذاق اڏائيندڙن جي خلاف جڏهن ڪا ڪارروائي شروع ٿئي ٿي ته اهي ا??توا جي پٺيان لڪ?? وڃن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ سڄي ملڪ مان آيل پي ا??ف يو جي جي ميمبرن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي لاهور پريس ڪلب جي صدر اعظم چوڌري ۽ ٻين صحافين جو انگ پڻ موجود هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پنهنجي دور ۾ ڪرپشن ڪئي، رمضان شگر ملز جي 10 کان 15 هزار رپيا ماهوار پگهار کڻندڙ ملازمن جي اڪائونٽس ۾ اربين رپيا ڪٿان اچ?? وڃن ٿا، جڏهن سوال پڇيو وڃي ته اهي ا??توا جي پٺيان لڪ?? وڃن ٿا، ڪڏهن قطري خط اچ?? وڃي ٿو، ڪڏهن جسٽس (ر) قيوم جهڙا جج ڳولڻ شروع ڪري ڇڏ??ن ٿا. هن چيو ته جڏهن سڄو خاندان چوري ڪري ٻاهر هليو وڃي ته انهن کي جواب ته ڏيڻو پوندو. شهباز زرداري ملاقات جي حوالي سان مملڪتي وزير چيو ته زرداري شهباز شريف ملاقات رڳو پنهنجي مفادن جي لاءِ آهي، شهباز شريف ماضي ۾ زرداري کي رستن تي گهيلڻ جي ڳالهه ڪندو هو هاڻي ا??ي قانون جو مذاق اڏائڻ جي لاءِ ٻيهر گڏ ٿي ويا آهن. چوڌري ڀائرن سان اپوزيشن جي ملاقاتن جي حوالي سان فرخ حبيب چيو ته اهي اتان روٽي شوٽي کائين، ملاقات ڪرڻ ۾ اهي آزاد آهن جڏهن ته حڪومت کي پنهنجي اتحادين کان ڪو خطرو نه آهي. ميڊيا جي آزادي جي حوالي سان هن چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، حڪومت صحافين جي سمورين تنظيمن سان گڏجي جرنلسٽ ميڊيا پروٽيڪشن بل اسيمبلي مان پاس ڪرائي ورتو آهي، قانون ٺهڻ تي منسٽري آف هيومن رائٽس ان تي ڪم ڪري رهي آهي ا?? تي ڪميشن پڻ ٺاهيو ويندو جنهن ۾ صحافين جي نمائندن کي شامل ڪنداسين ته جيئن صحافين کي پنهنجون ذميواريون سازگار ماحول ۾ انجام ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته پرنٽ ميڊيا جي صحافين وٽ پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ آءِ ٽي ا??ن اي جو پليٽ فارم موجود آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اليڪٽرانڪ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي صحافين کي به آءِ ٽي ا??ن اي ت??ئين پهچ ڏيون. هن چيو ته آءِ ٽي ا??ن اي 10 هزار کان وڌيڪ ڪيسز مان 7 هزار جو فيصلو ڪيو آهي، آءِ ٽي ا??ن اي جو سيٽ اپ اسلام آباد کانسواءِ سڄي ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ به قائم ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته آءِ ٽي ا??ن اي جي چيئرمين جي مقرري هڪ هفتي جي ا??در ڪئي ويندي. هن چيو ته صحافين کي مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ۾ فرق محسوس ڪرڻ گهرجي، ڊس انفارميشن ڄاڻي واڻي ڪئ?? وڃي ٿي، ذاتي ڪردارڪشيءَ ڪندڙن جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، صحافي پنهنجي صفن ۾ لڪل انهن ڪارين رڍن جو گهيراءُ ڪن جيڪي ڊس انفارميشن ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان قانون جي بالادستي جي لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي، ڪرپشن جي ناسور جي خلاف پوري قوم وزيراعظم جي ڪوششن جو ساٿ ڏي. هن صحافين کي مخاطب ڪندي چيو ته اهي حڪومت ۽ ان جي ڪارڪردگي تي مثبت تنقيد ڪن اسان کليل دل سان ان کي ت??ليم ڪنداسين. هن چيو ته صحت ڪارڊ عوام جي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي، اهي 10 لک رپين تائين پنهنجو علاج ڪنهن به سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتال مان ڪرائي سگهن ٿا. هن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي چيو ته اهي سنڌ جي عوام کي به صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪن. مملڪتي وزير چيو ته صحافين کي صحت ڪارڊ ڏيڻ کانسواءِ ڪامياب جوان پروگرام ۾ پڻ شامل ڪنداسين، پاڪستان ڪامياب پروگرام پڻ اچي رهيو آهي، ان ۾ به صحافين کي آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا. تقريب ۾ بلوچستان مان آيل صحافين مملڪتي وزير کي بلوچي ثقافت جي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي.