اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ا??د قيصر سان ملا??ات ڪئي ۽ مجموعي ملڪي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملا??ات ۾ قومي اسيمبلي ج?? ايندڙ اجلاس جي حوالي سان اهم معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جو آئيني طريقي سان جواب ڏينداسين، مخالف ڌر کي عدم اعتماد جي رٿ ۾ ڪڏهن به ڪاميابي نه ملندي. هن چيو ته سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪن ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان وٽ مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جو دفاع ڪرڻ جي پوري صلاحيت موجود آهي، پي ڊ?? ايم جي پنهنجي صفن جي اندر ٻڌيءَ نه آهي.