اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ??ان سڄي خطي ۾ استحڪام آيو آ??ي، ڀارت ڪشمير جي صورتحال بدتر بڻائي ڇڏي آهي، ڀارت جي انتهاپسند حڪومت ??ان گڏ وڌڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، طالبان حڪومت ??ان پسندگي ۽ ناپسندگي کي هڪطرف رکندي ا??ان کي افغان عوام جي مدد ڪرڻ گهرجي، عوام کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ چين ا??ان جو رول ماڊل آهي، دنيا هڪ ٻي سرد جنگ جي سٽ سهي نٿي سگهي، اهڙي صورتحال پيدا نه ٿيڻ گهرجي جو دنيا ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني ٽي وي سي جي ٽي اين کي انٽرويو ڏيندي چئي. وزيراعظم چيو ته آئون پنهنجي زندگي 20 سال عالمي راند ۾ حصو وٺندي گذاري، جڏهن کان آئون وزيراعظم بڻيس مون کي ٽي وي تي به راندين جا مقابلا ڏسڻ جو موقعو گهٽ ئي ملندو آ??ي، هن چيو ته بيجنگ ۾ ونٽر اولمپڪ ڏسڻ منهنجي لاءِ خوشي جو سب?? آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا اهڙا منفرد آهن جو وقت جي هر آزمائش تي پورو لهندا، پاڪستان ۽ چين جهڙين به مشڪلاتن مان گذاريا، ا??ان جا لاڳاپا هر امتحان ۾ سرخرو رهيا ۽ وقت ??ان گڏ مضبوط ٿيندا ويا، هن چيو ته سي پيڪ صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو اهم ترين جز آهي، منهنجو خيال آهي ته جڏهن مان وزيراعظم لي ۽ صدر شي چن پنگ ??ان ملندس ته انهن کي چوندس ته انهن کي وڌيڪ اڳتي وڌايو وڃي. اهي مواصلاتي رابطا ۽ توانائي جي پيداواري منصوبن ??ان شروع ٿيا، هاڻي ا??ان اهو چاهيون ٿا ته اهو اڳئين مرحلي جي طرف وڌن، جيڪي صنعتي ترقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪري زراعت جي شعبي تي مشتمل آهي، ڇاڪاڻ جو زراعت ا??ان جي ملڪ جو اهم ترين شعبو آ??ي، ا??ان کي پنهنجي وڌندڙ آبادي جي لاءِ غذائي تحفظ جي ضرورت آهي، ان لاءِ تمام ضروري آهي ته ا??ان کي پنهنجي زرعي پيداوار وڌائڻ ۾ چين جو تعاون حاصل ٿئي. هڪ ٻئي سوال ۾ هن چيو ته منهنجي خيال ۾ پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ??ان پوري خطي ۾ استحڪام آيو آ??ي، بدقسمتي ??ان هن وقت پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪنهن حد تائين چين جو به مسئلو آ??ي اهو ا??ان جو وڏو پاڙيسري ڀارت آهي. آئون انهن ماڻهن مان آهيان جيڪي اهو پڪو يقين رکندا آهن، ا??ان کي پنهنجا سڀئي اختلاف سياسي ڳالهين ??ان حل ڪرڻ گهرجن جيتوڻيڪ اها بدقسمتي آهي ته ڀارت ۾ هڪ انتهاپسند قوم پرست حڪومت آهي. 74 سال اڳ ا??ان جي آزادي جي وقت کان ڪڏهن ڀارت ۾ اهڙي حڪومت نه رهي، اها ا??ان جي بدقسمتي آهي ته ا??ان کي اها منجهه محسوس ٿيندي آهي ته ا??ان ان حڪومت ??ان اڳتي ڪيئن وڌون. خاص طور ڪشمير جي ڪري، ڪشمير ڀارت ??ان گڏ ا??ان جو واحد تڪرار آهي، ان بدران ته ان مسئلي کي حل ڪيو وڃي، ڀارت صورتحال بدترين ٺاهي ڇڏي آهي، ان لاءِ اهو هڪ مسئلو آ??ي ۽ آئون اميد ڪريان ٿو ته جلد يا دير ا??ان ان کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪري وٺنداسين. جيڪڏهن ان کي هڪ طرف رکي ڪري ڏسون ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا خطي ۾ استحڪام آندو آ??ي. افغانستان جي حوالي ??ان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته ڪنهن قوم ايتريون مصيبتون برداشت نه ڪيون جيتريون افغان عوام ڪيون، هنن 40 سال جيڪا واحد شيءَ ڏٺي آهي اها جنگ آهي، اهو پهريون دفعو آ??ي ته هتي امن جو موقعو ميسر آيو آ??ي، ڇاڪاڻ جو افغانستان ۾ هن وقت ڪا جنگ نه ٿي رهي آهي، جيتوڻيڪ هن وقت مسئلو اتي وڌندڙ انساني الميو پيش اچڻ جو آ??ي، ڇاڪاڻ جو افغانستان جو دارومدار ٻاهرين امداد تي آهي، طالبان جي حڪومت سنڀالڻ تائين افغانستان جي بجيٽ جو 17 سيڪڙو حصو ٻاهرين امداد تي هو. هڪ ڀيرو جڏهن ٻاهرين امداد ختم ٿي ته پوري حڪومت هڪ ڳڻتي جوڳي بحران جو شڪار آهي، اهي خدمتون فراهم نٿا ڪري سگهن ڇاڪاڻ جو انهن جو وٽ پئسو ئي ناهي ۽ انهن جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا منجمند ڪيا ويا آهن، چين ۽ پاڪستان ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ ايستائين جو يورپي ملڪ س??ني جو اتفاق آهي ته ڪنهن ترقي ??ان طالبان جي حڪومت کي پسنديدگي يا ناپسنديدگي کي هڪ طرف رکندي جيڪا واحد شيءَ ا??ان جي ذهنن ۾ هجڻ گهرجي اها 4 ڪروڙ افغان عوام آهي، جنهن مان اڌ غذائي عدم تحفظ جي بدترين صورتحال جي ور چڙهيل آهن، اتي ڏڪار سب?? فوتگيون ۽ غذائي گهٽتائي جا امڪان آهن، ان لاءِ ا??ان جو اتفاق آهي ته هر ڪنهن جي اولين ترجيح افغانستان جي چار ڪروڙ عوام هجڻ گهرجي، سي پيڪ جي حوالي ??ان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو تمام اهم آهي، ڇاڪاڻ جو چين جي سيڙپڪاري، رابطا هموار ڪرڻ ۽ توانائي جي پيداوار جي شعبن ۾ اهڙي وقت آئي جيڪا پاڪستان جي لاءِ تمام نازڪ هئي، ڇاڪاڻ جو ا??ان کي ٻن طرحن جا مسئلا درپيش هئا، هڪ ته ا??ان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شريڪ هئاسين ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو هجڻ جو نقصان شايد ڪنهن ملڪ کان وڌيڪ هو، افغانستان کانسواءِ پاڪستان ڪنهن ٻي ملڪ کان وڌيڪ نقصان کنيو. ا??ان جا تقريبن 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا ۽ معيشت کي سئو ارب دالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. ا??ان جي ڪرنسي پنهنجي اڌ کان وڌيڪ قيمت وڃائي ويٺي ۽ انهن س??ني کان وڌيڪ ا??ان جون ٻه انتهائي بدعنوان حڪومتون جيڪي مالي بحران جو سب?? بڻيون، چين ا??ان ا??ان جي مشڪل وقت ۾ سامهون آيو، اهو به انهن سب??ن مان هڪ آهي جنهن جي سب?? پاڪستان ۾ چين جي عوام جي لاءِ ايتري محبت آهي ڇاڪاڻ جو ضرورت جي وقت ڪم ايندڙ دوستن کي توهان سدائين ياد رکندا آهيو، اهڙا دوست جيڪي ان وقت آيا جڏهن توهان کي مدد جي ضرورت هجي، جيئن ته ا??ان ان وقت هئاسين، هاڻي سي پيڪ ٻي مرحلي طرف وڌي رهيو آ??ي ۽ ٻي مرحلي ۾ پهرين شيءَ ته ا??ان جا صنعتي زونز ۾ سيڙپڪاري آهي، ٻي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ آئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي ٽيڪنالاجي زون ۾ سيڙپڪاري لاءِ زبردست مراعتون ڏئي رهيو آ??ي ۽ ٽئين شيءَ جنهن جو مون پهرين به ذڪر ڪيو اها زراعت آهي، ڇاڪاڻ جو پاڪستان بنيادي طور تي هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ ا??ان کي زراعت ۾ پيداوار وڌائڻ لاءِ چين جي تعاون ۽ مدد جي ضرورت آهي، ا??ان پهرين ئي چين جي ڪمپني ??ان گڏ مفاه??ت جي يادداشتن تي صحيحون ڪري رهيا آهيون، جيڪا گڏيل طور تي فائديمند هوندي، چيني ڪمپنين کي ا??ان وٽ سيڙپڪاري کان تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ پاڪستان جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي منتقلي فائديمند ٿيندي، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جو منصوبو هاڻي ٻي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آ??ي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن منهنجي حڪومت اقتدار ۾ آئي پاڪستان جيو اڪنامڪس کي خصوصي ڌيان ڏنو، هاڻي جڏهن ا??ان جيواڪنامڪس جي مقابلي ۾ جيو اسٽريٽجڪ کي اهميت ڏني، جيو اڪنامڪس مان مراد منهنجي حڪو??ت جي ترجيح ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍڻ آهي، بدقسمتي ??ان ا??ان جي 25 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. ا??ان جي بنيادي ترجيح ان کي ان صورتحال کان ٻاهر ڪڍڻ آهي ۽ ان حوالي ??ان چين ا??ان جو رول ماڊل آهي، وزيراعظم چيو ته انساني تاريخ ۾ ڪنهن به ملڪ ايتري گهٽ مدي ۾ ايترن ماڻهن کي غربت مان نه ڪڍيو جيترا چين ڪڍيا آهن. ا??ان کي معلوم آهي ته هُنن 35 کان 40 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آ??ي ۽ تازو ئي صدر شي جن پنگ انتهائي غربت جي خاتمي جو اعلان ڪيو آ??ي. منهنجي ويجهو اهو انساني تاريخ جو سڀ کان وڏي ڪاميابين مان هڪ آهي، ان کان اڳ ڪڏهن انساني تاريخ ۾ ائين نه ٿيو. منهنجي حڪو??ت جو ڌيان پنهنجي ماڻهن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح ??ان غربت مان ڪڍڻ آهي ۽ ان حوالي ??ان چين جو ماڊل ا??ان جي سامهون آهي ۽ ان حوالي ??ان ا??ان چين کان سکڻ جا خواهشمند آهيون، ان سلسلي ۾ ا??ان جا اجلاس به ٿيا آهن ته ا??ان ڪيئن دولت پيدا ڪريون ۽ پوءِ ان دولت جي ذريعي هيٺين سطح جي ماڻهن کي مٿي آڻيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ آهي جنهن ڪورونا وبا سب?? متاثر ٿيندڙ اڪثر ملڪن جي مقابلي ۾ ان وبا جو بهتر انداز ۾ مقابلو ڪيو آ??ي. ا??ان کي ان وبا کي منهن ڏيڻ جي حوالي ??ان انهن ٽن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو آ??ي جنهن ڪورونا جي صورتحال جو بهترين مقابلو ڪيو، ا??ان ان وبا ??ان پنهنجي معيشت کي به بچايو ۽ ماڻهن کي به. ا??ان چين کان گهڻو ڪجهه سکيو ڇو ته جڏهن وبا پکڙڻ شروع ٿي ته ا??ان چين ??ان ويجها لاڳاپا رکيا ۽ ان ??ان گهڻو ڪجهه سکيو ڇو ته اتي وبا سڀ کان پهرين چين جي ووهان ۾ سامهون آئي ۽ بعد ۾ ٻين جاين تائين پکڙجي وئي، وزيراعظم چيو ته جڏهن ويڪسين تيار ٿي وئي ته ا??ان چين ۽ ٻين ملڪن کان به مدد ورتي پر چين نازڪ وقت ۾ ا??ان جي مدد ڪئي، وزيراعظم چيو ته ا??ان کي بي حد خوشي آهي ته خوش قسمتي ??ان ا??ان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهيون جنهن ٻين جي مقابلي ۾ وبا جو بهتر طريقي ??ان مقابلو ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته دنيا هڪ ٻي سرد جنگ جي سٽ نٿي سهي سگهي، اهڙي صورتحال پيدا نه ٿيڻ گهرجي جو دنيا ٻن حصن ۾ ورهاجي وڃي، اهڙي صورتحال جو ڪنهن کي به فائدو نه ٿيندو، هر ڪوئي ان صورتحال کان متاثر ٿيندو آ??ي. وزيراعطم چيو ته ملڪن جي وچ ۾ تعاون ??ان ئي عوام جو فائدو ٿيندو آ??ي، هن چيو ته مون يورپي يونين کي ٺهندي ڏٺو آ??ي ۽ پوءِ ا??ان ڏٺو ته سڄي يورپي ملڪن ۾ زندگي جو معيار بهتر ٿي ويو. هن چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته ڇڪتاڻ هڪ ٻي سرد جنگ جي شڪل اختيار نه ڪندي، جتي ا??ان کي اهو فيصلو ڪرڻو پئجي ته ا??ان کي ڪنهن جو ساٿ ڏيڻو آ??ي. ا??ان جا آمريڪا ??ان بهترين لاڳاپا آهن ۽ چين ??ان انتهائي مضبوط لاڳاپا آهن، ا??ان نٿا چاهيون ته پاڪستان کي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ته جيڪڏهن توهان جا چين ??ان لاڳاپا آهن ته توهان کي ٻين ملڪن ??ان لاڳاپا ختم ڪرڻا پون، هن چيو ته ا??ان چاهيون ٿا ته پاڪستان اهو ڪردار ادا ڪري جيڪو هن 1970ع ۾ ڪيو، پاڪستان آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ڊاڪٽر هنري ڪسنجر جي مشهور زمانه دوري جو اهتمام پاڪستان ڪيو هو. ا??ان اهڙي طرح جو ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد رکون ٿا. منهنجي ترجيحي پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام آهي، آئون ان صورت ۾ ئي پوئتي پيل ماڻهن کي غربت مان ڪڍي سگهان ٿو جنهن ??ان معيشت ۾ بهتري اچي ۽ معاشي بهتري استحڪام ۽ امن ??ان ايندي آهي، جيڪڏهن توهان تڪرارن کي منهن ڏيڻو آ??ي ته س??ني کان پهرين معيشت متاثر ٿيندي آهي ۽ اهو سڀ کان آخري ڳالهه ٿيندي ته جيڪا ا??ان چاهينداسين، وزيراعظم نئين قمري سال جي آغاز تي چيني عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ سال چين ۽ باقي دنيا جي لاءِ امن ۽ خوشحالي جو سال ثابت ٿيندو.