اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري پاڪستان سڄي خطي ۾ صنعتن ۾ سيڙپڪاري لاءِ ان وقت موزون ترين ملڪ آهي، صنعتن ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري سان نه رڳو روزگار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو پر ٽيڪنالاجي جي منتقلي ممڪن ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل اڪنامڪ زو??ز جي باري ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، اسد عمر، حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، مخدوم خسرو بختيار، صنعت ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، خالد منصور، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اظفر احسن ?? لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي صنعت واري صوبا??ي وزير ميان اسلم اقبال ۽ صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي اسپيشل اڪنامڪ زو??ز جو نظام پلگ اينڊ پلي ماڊل تي يقيني بڻائي رهي آهي. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسپيشل اڪنامڪ زو??ز جي بورڊ آف گورنرز ۽ انتظاميه جي مقرري ۾ ميرٽ جي بالادستي ۽ مفادن جي عدم ٽڪراءُ جهڙن رخن کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي، اجلاس کي رشڪئي، ڌاٻيجي، بوستان ۽ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي کانسواءِ ايم 3 انڊسٽريل زون تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايم ٿري اڪنامڪ زون ۾ صنعتن جي قيام لاءِ 600 ايڪڙ زمين ميسر ڪ??ي وئي آهي، ان کانسواءِ بجلي جي فراهمي کانپوءِ انفرااسٽرڪچر تي ڪم تيزي سان جاري آهي. اجاس کي سيڙپڪاري بورڊ پاران مقامي ۽ ٻاهرين سيڙپڪارن لاءِ صنعتن جي قيام ۾ آساني لاءِ کنيل حڪومت جي قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سمورن قدمن جي مقرر مدي ۾ تڪميل کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.