اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن واري وف??قي وزير سيد علي حيدر زيدي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي انٽرنيشنل ميري ٽائم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي ٿيند?? چونڊن تي بريفنگ ڏني وئي. وف??قي وزير وزيراعظم کي عالمي ميري ٽائم ٽرانسپورٽيشن بزنس ۾ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ حصو حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ايم او ڪنوينشن دوران برطانيا، قطر، سعودي عرب، ملائيشيا ۽ مالديپ جي ٽرانسپورٽ وارن وزيرن سان ٿيندڙ سائيڊ لائين ملاقاتن کان پڻ آ??اه?? ڪيو. وزيراعظم کي حڪومت جي سي فيئررز جي سهولت لاءِ قدمن، ڪورو??ا وبا دوران بهتر پاليسين جي ڪري بندر??اه?? تي بهتر انتظام ۽ ڪراچي ۾ ڪراچي پورٽ جي ويڪسي نيشن مهم بابت مثبت تاثرن کان پڻ آ??اه?? ڪيو ويو. وزيراعظم عالمي سامونڊي واپار ۾ پاڪستان جو ڪردار وڌائڻ جي لاءِ سامونڊي معاملن واري وزير جي ڪوششن کي ساراهيو.